Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

بيماري نه لڳي وڃي، اهڙي طرح انهن کي بُري ماحول جي آلودگين کان بچائي چڱي صحبت فراهم ڪيو، انهن جي اصلاح ۽ مدني تربيت ۾ جيڪي رُڪاوٽون هجن، انهن کي پري ڪيو ۽ انهن کي سٺا اَخلاق ۽ادبَ سيکاريو۔

نبي ڪريم،رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”پنهنجي اولاد سان نيڪ سُلُوڪ ڪيو ۽ انهن کي سٺا ادب سيکارڻ جي ڪوشِش ڪيو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الادب، باب بر الوالد والاحسان الي البنات، ۴/۱۸۹-۱۹۰، الحديث: ۳۶۷۱) اهڙي طرح هڪ ٻي حديث ِپاڪ ۾ آهي: ڪنهن پيءُ پنهنجي اولاد کي اهڙو تحفو ناهي ڏنو، جيڪو سٺي ادب کان بهتر هجي۔  (ترمذي، ڪتاب البر والصلۃ، باب ما جاء في ادب الولد، ۳/۳۸۳، الحديث: ۱۹۵۹)

نيڪ اولاد قبر ۾ ڪم ايندو آهي

حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: سٺي ادب مان مُراد ٻار کي دِيندار، مُتّقي، پرهيزگار بنائڻ آهي۔ اولاد جي لاءِ ان کان بهتر تحفو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو جو اهي شيون دِين ۽ دنيا ۾ ڪم اينديون آهن۔ ماءُ پيءُ کي کپي ته اولاد کي صرف مالدار بڻائي دنيا مان نه وڃن، بلڪه انهن کي دِيندار بڻائي وڃن جو خود انهن کي به قبر ۾ ڪم اچن، جو زنده اولاد جي نيڪين جو ثواب مُڙدي کي قبر ۾ ملندو آهي۔

(مراٰۃ المناجيح، باب الشفقۃ والرحمۃ علي الخلق، الفصل الثاني، ۶/۵۶۵، تحت الحديث)

يقيناً نيڪ اولاد والدين جي مرڻ کان پوءِ به ڪم ايندو آهي، جي ها! جيئن فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جڏهن ماڻهو مري ويندو آهي ته ان جي ٽن عملن کان علاوه ان جي سڀني عملن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي؛           (1) صدقه جاريه (2) اهو علم جنهن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي  (3) نيڪ اولاد جيڪو انهن لاءِ دعا ڪري۔ (صحيح مسلم،ڪتاب الوصيۃ ،باب مايلحق الانسان ،الحديث ۱۶۳۱،ص۸۸۶)