Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

ٻارن جي دِيني تربيت ڪرڻ جو فائدو اهو ٿيندو جو دُنيا ۾ راحت و سڪون، عزّت و وقار حاصل ٿيندو، آخرت ۾ ربّ تعاليٰ جي بارگاھ ۾ ان جي ڪرم سان اولاد جي تربيت جي معاملي ۾ نه صرف بَري ٿيندؤ بلڪ اجر ۽ ثواب به ماڻيندؤ۔ اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ

12مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم مدني قافلي ۾ شرڪت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پاڻ به نيڪ بنجڻ، بُرائين کان بچڻ ۽ پنهنجي اولاد کي به نيڪ بنائڻ جي لاءِ تبليغ ِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گھٽ ناهي اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ هن مدني ماحول جي برڪت سان گُناهن کان بچڻ جي توفيق ۽ نيڪيون ڪرڻ جي ترغيب ملندي آهي۔ اسان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ حصو وٺڻ گھرجي۔ 12مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم 3 ڏينهن جي ’’مدني قافلي‘‘ ۾ سفر ڪرڻ به آهي۔ مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان پنج وقت نماز ۽ نفل جي پابندي سان گڏوگڏ پياري آقا،مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون پياريون سُنَّتون سکڻ جي لاءِ ملنديون آهن، ۽ ائين علمِ دين حاصِل ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي، علمِ دين جي لاءِ سَفرڪرڻ وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي جو فرمانِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو عِلْم جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي اهو واپس موٽڻ تائين الله تَعاليٰ جي راھ ۾ هوندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب العلم ، رقم۲۶۵۶، ج۴، ص۲۹۴)

مدني قافلي جي برڪت سان پنهنجي اصلاح سان گڏوگڏ ٻارن جي اصلاح ۽ مدني تربيت جو به جذبو نصيب ٿيندو آهي، بطورِ ترغيب مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا