Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

بڻايو وڃي ته اهو نه صرف پاڻ ان پاڪيزه عادات کي اپنائي رکندو بلڪ ان جون اهي وصفون ان جي صحبت ۾ رهڻ وارن ٻين ٻارن ۾ به منتقل ٿيڻ شروع ٿي وينديون، اهڙي طرح وڏو ٿي به نيڪين ۾ رغبت ۽ گناهن کان نفرت قائم رهندي۔ ياد رکو! نيڪ اولاد ماءُ پيءُ جي لاءِ وڏي نعمت هوندي آهي۔ خُود انبِياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ کان نيڪ اولاد جي دعا ڪندا هئا جيئن ته الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري نبي حضرت سَيدُنا زڪريا عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام به اولادِ صالح (يعني نيڪ اولاد) جي لاءِ ائين دُعا گھري:

رَبِّ ہَبۡ لِیۡ مِنۡ لَّدُنۡکَ ذُرِّیَّۃً طَیِّبَۃً ۚ اِنَّکَ سَمِیۡعُ الدُّعَآءِ ﴿۳۸﴾

 (پ 3 اٰل عمران؛ 38)

ترجموڪنزالايمان؛ اي منهنجا ربّ! مون کي پاڻ وٽان صاف اولاد۔ بيشڪ تون ئي آهين دعا ٻُڌڻ وارو

اهڙي طرح حضرت سيدنا ابراهيم خليلُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي ايندڙ نسل کي نيڪ بنائڻ جي دعا ڪئي، جيئن ارشاد ٿئي ٿو:

رَبِّ اجۡعَلۡنِیۡ مُقِیۡمَ الصَّلٰوۃِ وَ مِنۡ ذُرِّیَّتِیۡ ٭ۖ رَبَّنَا وَ تَقَبَّلۡ دُعَآءِ ﴿۴۰﴾

 (پ 13، ابراهيم؛ 40)

ترجموڪنزالايمان؛ اي منهنجا رب! مون کي نماز قائم ڪرڻ وارو بڻاءِ ۽ ڪجهه منهنجي اولاد کي اي اسان جا رب! ۽ منهنجي دعا ٻُڌ ۔

بهتر تربيت نه ڪرڻ جو انجام

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو ته نيڪ اولاد الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪيتري قدر عظيم نعمت آهي جو انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام به ان جي حُصُول جون دعائون گھري رهيا آهن، نيڪ اولاد ئي دنيا ۾ پنهنجي والدين جي لاءِ راحتِ جان ۽ اکين جي ٿڌاڻ جو سبب بڻجندو آهي۔ ننڍپڻ ۾ اُن جي دل جو سُرور، جواني ۾