Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

گھروارن کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي، جنهن جي برڪت سان اسان ۽ مامي ۽ ماسي جي گھر وارا به شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ذريعي سلسله عاليه قادريه رضويه عطاريه ۾ داخل ٿي ويا، نمازن جي پابندي شروع ڪري ڇڏي، فلمون ڊراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ ڇڏي ڏنا ۽ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هاڻي مدني چينل جي علمي ۽ اصلاحي ايمان افروز سلسلا ڏسندا آهن۔

 بےعمل باعمل بن گئے خاص کر
آپ بھی دیکھ لیں قافلے میں چلو
آپ اعمالِ بد اور افعالِ بد
سے جو بیزار ہیں، قافلے میں چلو
کر سفر آئیں گے،تو سُدھر جائیں گے
اب نہ سُستی کریں، قافلے میں چلو

(وسائل بخشش مُرمّم،ص۶۷۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تعارفِ ابُو عطار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن تَربِيت ڪرڻ وارو پيءُ يا سرپرست پاڻ نيڪ، نمازي، گُناهن کان بچڻ وارو، سُنّتن سان مَحَبَّت ڪرڻ وارو هجي ته ٻارن تي به ان جي نيڪين جو اثر پوندو آهي ۽ اولاد به نيڪين ڏانهن راغب ٿيندو آهي۔ دور حاضِر ۾ ان جو واضح مِثال شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مُبارڪ ذات به آهي جو اوهان جا والدِ ماجد حاجي عبدالرَّحمن قادِري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه