Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

ڪندو آهي؟ ان جواب ڏنو؛ ”ٻني ٻارو ڪندو آهي۔“ ابو حفص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو؛ ڇا توکي خبر آهي ته هن توکي ڇو ماريو؟ ان چيو؛ ”نه“ ابو حفص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان تي ان کي سمجھايائون؛ ”منهنجو ته هي خيال آهي جڏهن صبح جي وقت هو گڏهه تي سوار ٿي ٻنيءَ ڏانهن ويندو هوندو۔ ڏاند (Bull) ان جي اڳيان ۽ ڪتو (Dog) ان جي پويان هوندو، قرآن ان کي پڙهڻ ايندو نه هوندو، ان ڪري هو ڪجهه جهونگاري رهيو هوندو، ايتري ۾ تون ان جي سامهون آيو هوندين۔ ان سمجهيو هوندو ته ڍڳي آهي ۽ تنهنجي مٿي تي ڪا شيء هنئي هوندائين، شڪر ڪر جو تنهنجو مٿو نه ڦاڙيائين۔ (تنبيه الغافلين،باب حقِ الولد علي الوالد ،ص۶۸)

ننڍپڻ کان ئي اولاد جي تربيت شروع ڪري ڇڏيو

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن نصيحت آموز حڪايت ۾ هر ان شخص جي لاءِ درس جا مدني گل موجود آهن جيڪو پنهنجي ٻارن کي عِلْمِ دِين سان آگاھ ڪرڻ ۽ اسلامي تربيت ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو آهي ۽ لاپرواهي جو مُظاهرو ڪندي اهو ذهن بڻائي رکيو آهي ته اڃا ته منهنجو ٻار صفا ننڍو آهي، نا سمجھ آهي، هينئر کان هن کي بُري ڀلي جي تميز ڪٿي؟ ڪجھ وڏو ٿي وڃي ته پوءِ ان جي تربيت شروع ڪندس۔ اهڙي والد کي گھرجي ته ان انتظار ۾ نه ويهي بلڪ ننڍپڻ کان ئي پنهنجي اولاد جي تربيت تي ڀرپُور ڌيان ڏئي ڇوته ٻار جي زندگي جا ابتدائي سال باقي زندگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ بنياد جي حيثيت رکندا آهن، ٻار جيڪو بُري ڀلي ڳالھ ننڍي عمر ۾ سکندو آهي اهو سڄي زندگي جي لاءِ ان جي ذهن ۾ پڪي ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن ٻارن کي شروع کان ئي سلام ڪرڻ، سنّت جي مطابق کائڻ پيئڻ، سنّت جي مطابق ويهڻ، سنّت جي مطابق جُوتا پائڻ، سنّت جي مطابق لباس وغيره پائڻ جو عادي