Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي ته بيشڪ الله تعالي جنّت ۾ هڪ نيڪ ماڻهؤ جو درجو وڌائيندو ته اهو چوندو ته اي منهنجا رَبّ!عَزَّ وَجَلَّ مون کي اهو مرتبو ڪٿان کان مليو؟ ته الله تعاليٰ فرمائيندو ته تنهنجي پٽ تنهنجي لاءِ مغفرت جي دعا گھري آهي، ان ڪري تو کي اهو درجو مليو آهي۔

 (مشڪاةالمصابيح،ڪتاب الدعوات،باب الاستغفار والتوبة، ۱/۴۴۰،حديث:۲۳۵۴)

سُبْحٰنَ اللهعَزَّ وَجَلَّ!الله تبارڪ وتعاليٰ جي رحمت تي قربان! پٽ جي سبب پيءُ کي نوازيو پيو وڃي۔ جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته اسان جو اولاد دُنيا ۾ اسان جي اطاعت گذار هئڻ سان گڏوگڏ آخرت ۾ اسان جي نجات جو سبب بڻجي ته اسان کي پاڻ کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم ومدني تربيت جي لاءِ مدرسة المدينه، دارُالمدينه اورجامعة المدينه ۾ داخل ڪرايو، اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ هن جا مدني نتيجا اوهان پاڻ ئي ڏسندو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

(1) اجايو لاڏ پيار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻ اَولاد جي تربيت جي حوالي سان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا، جن جي روشني ۾ اسان پنهنجن ٻارن جي صحيح مدني تربيت ڪري سگھون ٿا۔ ٻارن جي بگڙجڻ جو هڪ وڏو سبب اهو هوندو آهي جو ننڍپڻ کان ئي پيءُ ان جي هر خواهش کي پورو پيو ڪندو آهي، نتيجي ۾ ٻار ضِدّي ۽ پنهنجي ڳالھ مڃائڻ جا عادي بڻجي ويندا آهن، ان جو نُقصان هي