Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

هڪ عبرت ناڪ واقعو

هڪ واپاري معاش جي خاطر گھرٻار ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ هليو ويو، دولت ڪمائي ڪمائي گھر موڪليندو رهيو، اوچتو هڪ ڏينهن ان کي اطلاع مليو ته ان جي گھرواريء جو انتقال ٿي ويو آهي، اهو جلدي وطن پهتو، معلوم ڪرڻ تي ان کي پتو پيو ته ان جي گھرواريء جو قاتل خود ان جو پٽ ئي آهي، اهو پٽ ان واپاري جو اڪيلو پٽ هو، وڌيڪ پيار ۽ دولت جي گھڻائي ان جون عادتون بگاڙي ڇڏيون هيون، ايستائين جو بُرن دوستن جي صحبت ۾ رهي نشي جو عادي بڻجي ويو، جڏهن ان جي ماءُ کي پنهنجي اڪيلي پٽ جي انهن حرڪتن جو پتو پيو ته ان پيسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا، ضد ڪرڻ تي به جڏهن پيسا نه مليا ته پٽ ڪاوڙ ۾ اچي خنجر جا لاڳيتا وار ڪيا ۽ ماءُ کي اتي ئي قتل ڪري ڇڏيو، حالانڪ اهو پنهنجي ماءُ جو وڏو خدمت گذار هو پر نشي جي لاءِ پيسا نه ملڻ تي سڄو اطاعت ۽ خدمت جو جذبو ختم ٿي ويو ۽ ان جرم جي سبب جيل جي سلاخن ۾ قيد ٿي ويو۔ جڏهن ان جو پيءُ پنهنجي اڪيلي پٽ سان ملڻ جيل ۾ ويو ته اهو پٽ پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳو: جيڪڏهن اوهان صرف دولت ڪمائڻ جي بدران منهنجي بهتر تربيت ڪيو ها ۽ مون کي بُري صحبت کان بچايو ها ته اڄ اوهان کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، ڇا مون کي هن مقام تائين پهچائڻ ۾ اوهان جو هٿ ناهي؟

جو کچھ بھی ہیں سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کرتُوت

شِکوہ   ہے   زمانے   کا نہ قسمت   کا  گِلا ہے

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت