Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

ڪير ڪنهن جو جواب ده ٿيندو

ياد رکو! جيڪڏهن سستيءَ سان ڪم وٺندي اولاد جي بهتر تَرْبِيت نه ڪئي ته قيامت جي ڏينهن الله عَزَّ وَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ان جو جواب ڏيڻو پوندو، حُضُورِ اڪرم، نُورِ مُجَسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظمت نشان آهي :''توهان سڀئي نگران آهيو ۽ توهان مان هر هڪ کان ان جي ماتحت افراد جي باري ۾ پڇيو ويندو۔ بادشاھ نگران آهي، ان کان ان جي رِعايا جي باري ۾ پڇيو ويندو۔ ماڻهو پنهنجي گهر وارن جو نگران آهي ان کان ان جي گهروارن جي باري ۾ پڇيو ويندو۔ عورت پنهنجي مڙس جي گھر ۽ اولاد جي نگران آهي، ان کان ان جي باري ۾ پڇيو ويندو۔ (صحيح البخاري،ڪتاب العتق،باب ڪراهيۃالتطاول ....الخ،الحديث ۲۵۵۴،ج۲،ص۱۵۹)

موبائل فون، ٽيبلٽ پي سي ۽ ٽي وي جو غلط استعمال

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قيامت جي ڏينهن ان جوابداري کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي ٻارن جي مدني تربيت ڪيو۽ انهن جي بگڙجڻ جي سببن کي به تلاش ڪيو، جيئن اڄڪلھ موبائل فون، ٽيبلٽ پي سي(Tablet P.C)، ٽي وي ۽ اِنٽر نيٽ جو غلط استعمال به نئي نسل جي تباهي ۽ بگڙجڻ جو هڪ سبب آهي، اِبتداء ۾ والدين پاڻ ئي اهي شيون ٻارن کي ڏياريندا آهن ته اسان جا ٻار دورِ جديد جي انهن اِيجادن کان ڇو بي خبر رهن پر جڏهن ٻار انهن شين ۾ پاڻي جيان پئسا وهائي، راتين جي ننڊ اڏائي گناهن جي گندگي ۾ غوطو لڳائي خُوب لت پت ٿي ويندا آهن ته ان وقت پيءُ جي اک کلندي آهي پر هن چوڻي جي مطابق ’’اب پچھتائے ڪيا هوَت جب چڑيا چُگ گئيں کھيت‘‘ جي مصداق هاڻي افسوس ڪرڻ بيڪار هوندو آهي (يعني نقصان ٿيڻ کان بعد پريشان ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو؟)۔ هاڻي جيڪڏهن پيءُ ان گندگي مان ڪڍڻ چاهي ٿو ته ٻار انهن