Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

شين کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن ٻارن کي ضرورت پوڻ تي اهي جديد شيون ڏيڻون پون ته اوهان بحيثيتِ پيءُ پيار مَحَبَّت سان انهن شين جي غلط استعمال جا نُقصان به ضرور ٻڌايو، صحيح استعمال سيکاريو، ضرورت هجي ته سادو موبائل وٺي ڏيو ان کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ جو وِزٽ ڪرايو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ هن ويب سائٽ تي قرآنِ ڪريم، ترجمه ڪنزالايمان ۽ تفسيرن جي علاوه اصلاحي موضوعن تي مشتمل اردو، انگلش، عربي، هندي، گجراتي ۽ دنيا جي مختلف 36 زبانن ۾ ڪتاب ۽ رسالا جن جو نه صرف آن لائن مطالعو ڪري سگھجي ٿو بلڪ ڊاؤن لوڊ ۽ پرنٽ آؤٽ جي سهولت به دستياب آهي۔ ان کان علاوه شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان ڪيل مختلف سوالن جي دلچسپ جوابن تي مشتمل مدني مُذاڪرا، نگرانِ شُوريٰ ۽ مبلغينِ دعوتِ اسلامي جا سُنَّتن ڀريا بيان، حمدو نعت ۽ منقبت ۽ دِيني معلومات سان مالا مال مختصر مدني گلدستا (Short clips) به مَوْجُود آهن۔ شرعي مسائل بابت رهنمائي جي لاءِ آن لائن دارالافتاء اهلسنّت ۽ ڏکويل انسانيت جي غمخواري ۽ رُوحاني علاج جي لاءِ تعويذاتِ عطاريه،آن لائن ڪاٽ ۽ استخارو به ڪرائي سگھجي ٿو۔ المدينه لائبريري سافٽ وئير(Soft Ware) به موجود آهي، جنهن کي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪري سرچنگ آپشن جي مدد سان 200 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ رسالن مان فائدو حاصل ڪري سگھو ٿا، ان کان علاوه اوقَاتُ الصَّلٰوۃ سافٽ وئير (Soft Ware) جي ذريعي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ نماز جا اوقات به معلوم ڪري سگھو ٿا۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي دورِ جديد جي انهن ايجادن جو صحيح استعمال ڪرڻ جي توفيق عطافرمائي ۽ ان جي غلط استعمال جي ذريعي خود به بچڻ ۽ پنهنجي