Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان حضرت سَيدُنا محمد بن محمد بن سوّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڀاڻيجي جي ڪيتري پياري انداز سان مدني تربيت فرمائي جو بنا ڇڙٻ، داٻن جي مدني گل عطا فرمايا جو ”ڇا تون ان الله عَزَّوَجَلَّ کي ياد نٿو ڪرين جنهن تو کي پيدا ڪيو؟“۔ پوءِ ڀاڻيجو به ڪيترو باعمل هو جو پنهنجي مامي جان کان ملڻ واري مدني گل کي دِل وجان سان قبول ڪندي، هن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ان جي برڪت سان ڪهڙا ڪهڙا انوار و تجلّيات سان نوازيا ويا۔ جي ها! اهو خوش نصيب مدني مُنّو اڳتي هلي ولايت جي مقام تي فائز ٿيو، جن کي دُنيا هاڻي به حضرت سيدُنا سهل بن عبدالله تُستري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نالي سان ياد ڪري ٿي ۽ جن جو فيضان هاڻي به جاري ۽ ساري آهي۔ اللهعَزَّوَجَلَّ جي اُن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ٻارن جي مدني تربيت جا مدني گلدسته وقتاً فوقتاً مدني چينل تي به هلايا ويندا آهن. ته جيئن انهن کي ڏسي اسان به تربيت ڪرڻ سکون، ڄڻ ته اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه، تربيت ڪرڻ وارن جي به مدني تربيت فرمائي رهيا هوندا آهن ته اولاد جي تربيت ڪيئن ڪرڻي آهي، ان لاءِ اسان کي مدني چينل به ڏسندو رهڻ گھرجي، خاص ڪري هفتيوار مدني مذاڪري ۾ اوّل کان آخرشرڪت کي يقيني بڻايو، اولاد جي مدني تربيت جو انداز سکڻ سان گڏوگڏ علمِ دِين جا ڪيئي قيمتي موتي حاصل ٿيندا. اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ