Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

تُو غصّے جِھڑکنے سے بچنا وگرنہ

یہ بدنام ہو گا تِرا مدنی ماحول

(وسائل بخشش مُرمّم،ص646)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دل سوزي سان دعا ڪيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولاد جي مدني تربيت جي انهن طريقن جي علاوه اولاد جي نيڪ بڻجڻ جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ سچي دل سان خوب ٻاڏائي دُعا ڪيو، اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ اوهان جي مخلصانه ڪوششون ضرور ڪامياب ٿينديون ۽ دعا جي برڪت سان اولاد نيڪ بڻجي ويندو جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي’’ٽن (3) دعائن جي قبوليت ۾ ڪو شڪ ناهي: (۱) مظلوم جي دعا (۲) مسافر جي دعا ۽ (۳) پيءُ جي پنهنجي پٽ جي لاءِ بد دُعا۔

(جامع الترمذي،ابواب البر والصلۃ ،با ب ماجاء في دعوۃ الوالدين ،ج ۳،الحديث:۱۹۱۲ ،ص۳۶۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي قدم قدم تي اُمّتِ مسلمه جي خيرخواهي ڪرڻ جي جذبي سان سرشار مختلف موقعن تي مدني گل عطا فرمائيندا رهندا آهن، اهي مدني گل اهڙا قيمتي هوندا آهن جو جيڪڏهن واقعي ڪو اِخلاص سان گڏ انهن مدني گلن کي پنهنجي دِل جي مدني گلدستي ۾ سجائي انهن تي عمل ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته ان جون مدني بهارون اهو پاڻ ڏسندو آهي، جي ها! اوهان به چاهيو ته انهن مدني گلن جي مطابق عمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو، الله عَزَّ وَجَلَّ جي رحمت مان اُميد