Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

*ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسلام پيءُ کي نُماياں ۽ امتيازي مقام عطا فرمايو آهي، پيءُ اولاد جي لاءِ هڪ اهڙي عظيم نعمت آهي جو جنهن جو ڪو مٽ  نه آهي، پر اسلام جتي پيءُ جي مقام مرتبي ۽ اهميت کي اُجاگر ڪيو آهي، اتي بحيثيتِ پيءُ ان تي ڪجھ ذميداريون به حوالي ڪيون آهن، جيئن پيءُ جي بنيادي ذِمّيدارين مان هڪ نهايت آسان ترين ذميداري ’’اولاد جي بهتر تربيت ڪرڻ ‘‘ آهي۔ تنهنڪري اڄ اسان هن موضوع تي ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اچو! سڀ کان پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا

منهنجي پٽ مون کي ماريو آهي

سمرقند جي هڪ عالم حضرتِ سيدنا ابو حفص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو؛ منهنجي پٽ مون کي ماريو آهي ۽ تڪليف ڏني آهي، ان حيران ٿيندي پڇيو؛ ڇا ڪڏهن پٽ به پيءُ کي ماريندو آهي؟ ان جواب ڏنو؛ جي ها، ائين ئي ٿيو آهي؟ ابو حفص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پڇيس ڇا تو ان کي علم ۽ ادب سيکاريو آهي؟ ان شخص انڪار ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پُڇيس؛ ”قرآن ڪريم سيکاريو آهي۔“ ان ٻيهر انڪار ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وري پڇيس ته ”پوءِ اهو ڇا