Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

آهي، اولاد جي تربيت جو سامان ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان جي زِندگي ۾ ان جون مدني بهارون نصيب ٿينديون۔

"72مدني انعامات " جي رِسالي جي آخر ۾ "گھر ۾ مدني ماحول بنائڻ جا 19مدني گل "رنگ برنگي خوشبوئون لُٽائي رهيا آهن، اوهان به انهن جو مطالعو ڪيو، اِنْ شَاۤءَ الله عَزَّوَجَلَّ انهن مدني گلن جون خوب برڪتون حاصل ٿينديون۔ انهن 19مدني گلن مان مدني گل نمبر15 ۾ هڪ قرآني آيت به ڏنل آهي، جنهن جي فضيلت ۾ لکيل آهي ته: " هر نماز کان پوءِ هيٺ ڏنل دعا اول ۽ آخر درود شريف سان هڪ ڀيرو پڙهي وٺو اِنشآءالله عَزَّوَجَلَّ ٻار ٻچا سنّتن جا پابند بڻجندا ۽ گھر ۾ مدني ماحول بڻجندو. دعا هي آهي: (اَللّٰھُمَّ) رَبَّنَا ہَبۡ لَنَا مِنۡ اَزۡوَاجِنَا وَ ذُرِّیّٰتِنَا قُرَّۃَ اَعۡیُنٍ وَّ اجۡعَلۡنَا لِلۡمُتَّقِیۡنَ اِمَامًا ﴿۷۴﴾ (1) (”اَللّٰھُمَّ“ قرآني آيت جو حصو نه آهي)

(1) ترجمو ڪنزالايمان: اي اسان جا رب اسان کي ڏي اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اکين جي ٿڌاڻ ۽ اسان کي پرهيزگارن جو اڳواڻ بڻاءِ ۔

(پ 19 الفرقان 74)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

پهريان پنهنجي تربيت ڪري

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولاد جي مدني تربيت ۾ سڀ کان اهم شيء پيءُ جي پنهنجي عملي حالت آهي جيڪڏهن پيءُ پنهنجي اولاد جي بهتر تربيت ڪرڻ چاهي ٿو ته پهريان پنهنجي اعمال وڪردار جي اصلاح ڪرڻي پوندي ڇوته اِسلامي طريقي تي اولاد جي تربيت جو خواب ان وَقت پورو ٿي