Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

اکين جو نُور ۽ پوڙهائپ ۾ خِدمَت ڪري اُن جو سَهارو بڻجندو آهي۔ اهو سڀ انهي وَقت ممڪن ٿي سگھندو جو جڏهن پيءُ به پنهنجي ذِميداري نڀائيندي اَولاد جي اسلامي اُصولن جي مطابق مدني تربيت ڪئي هوندي۔ پر بدقسمتي سان اڄ اسان جي مُعاشري ۾ پيءُ پنهنجي ذِمّيداري کان مُنهن ٽاري اولاد کي اسلامي تعليمات ۽ اَخلاقيات سکائڻ جي بدران دنيوي عُلُوم وفُنون سکائڻ، وڏو ماڻهو بڻائڻ ۽ گھڻو مال ڪمائڻ جا خواب ڏيکارڻ جي فڪر ۾ لڳل آهي، شايد انهيء ڪري اسان جي نئين نسل جو اَخلاق ۽ ڪردار تباھ ٿي ويو آهي، ننڍي وڏي جو لحاظ ختم ٿي چڪو آهي، رشتيدارن، پاڙيسرين، عام مسلمانن ايستائين جو ماءُ پيءُ جا حق به پامال ٿي رهيا آهن، جنهن پٽ جي مستقبل کي روشن بنائڻ جي لاءِ پيءُ بي پناھ پيسو لڳايو، اڄ اهو ئي پٽ پيءُ جي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ان کي بيڪار ۽ فالتو سمجھندو آهي، پيءُ جي ٿوري ٿوري ڳالھ ان کي نهايت بُري معلوم ٿيندي آهي، بعض اوقات اهو بگڙيل اولاد، ان پوڙهي پيءُ کي پاڻ سان گڏ رکڻ پسند ناهي ڪندو ۽ ان کي ’’اَولڊ هاؤس‘‘ جي حوالي ڪندو آهي جتي اهو گھرٻار کان پري روئي روئي جيئندو آهي ۽ آخرڪار ساھ ڏئي ڇڏيندو آهي۔ ۽ جيڪڏهن پيءُ امير وڪبير هجي ۽ پوڙهائپ کي پهچي وڃي ته اهو ئي جوان اولاد پيءُ جي جائيداد پنهنجي نالي تي ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي پيءُ کان وڙهندو جڳهڙندو، گاريون ڏيندو ۽ ڪڏهن ته ظلم جون حدون پار ڪري صرف پيسن يا جائيداد جي خاطر پنهنجي ماء پيءُ کي جان سان مارڻ کان به پاسو ناهي ڪندو، ان جو هڪ وڏو سبب اولاد کي اسلامي طريقي جي مطابق مدني تربيت نهنجام !کہ  پیسوں کیلئےیہی اولادم ڏيڻ به آهي۔ اچو انهيء حوالي سان هڪ عبرت ناڪ واقعو ٻڌون ٿا جيئن ته