Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

کي دِيني معاملن جي تعليم نه ڏني ۽ هي اسان کي حرام کارائيندو هو، جنهن جو اسان کي علم نه هو، پوءِ ان شخص کي حرام ڪمائڻ تي ايتري قدر ماريو ويندو جو ان جو گوشت ڇڻي ويندو، پوءِ ان کي ميزان (يعني ترازو) وٽ آندو ويندو، ملائڪ جبل جي برابر ان جو نيڪيون آڻيندا ته ان جي عيال (يعني ٻارن ٻچن) مان هڪ شخص اڳتي وڌي چوندو: منهنجون نيڪيون گھٽ آهن۔ ته اهو ان جي نيڪين مان کڻي وٺندو، پوءِ ٻيو اچي چوندو: تو مون کي وياج کارايو هو ۽ اُن جي نيڪين مان کڻي وٺندو، اهڙي طرح اُن جا گھر وارا ان جون سڀ نيڪيون کڻي ويندا ۽ اهو پنهنجي گهر وارن ڏانهن حسرت ۽ نااميديءَ سان ڏسي چوندو: هاڻي منهنجي مٿي اهي گناھ ۽ ظلم رهجي ويا آهن جيڪي مون توهان جي لاءِ ڪيا ها۔ (اُن وَقت) ملائڪ چوندا:  هي اهو (بد نصيب) شخص آهي جنهن جون نيڪيون هن جا گھر وارا کڻي ويا ۽ هي انهن (يعني گھر وارن) جي سبب جهنَّم ۾ هليو ويو۔

 (قُرَّةُ العُيون ومفرح القلب المحزون، الباب الثامن في عقوبة قاتل النفس۔۔۔الخ،فصل في مايلزم الرجل۔۔۔الخ،ص۴۰۱)

اِلٰہی جہنّم سے آزاد کر دے

میں فِردوس میں داخلہ مانگتا ہوں

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماءُ پيءُ لاءِ دنيا ۽ آخِرت جي ڀلائي ان ۾ آهي ته عَين شَرِيعت ۽ سُنَّت جي مطابِق شروع کان ئي اولاد جي بهتر تربيت ڪن، جهڙي طرح انهن جي صحت جو خيال رکندي مختلف حفاظتي تدبيرون اختيار ڪيون وينديون آهن، گندگيءَ واري جڳھ کان بچايو ويندو آهي جو ڪٿي ڪا