Book Name:Dil ki Sakhti

دل تي طاري ٿيڻ سان مُطمئن ٿيا وياسين ته اسان الله تعاليٰ کان ڊڄڻ وارن مان آهيون ۽ مختلف گُناهن سان پنهنجو اعمال نامو ڪارو ڪرڻ جو عمل جاري رکيو۔ ۽ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب نفي ۾ اچن ته غور ڪيو  ڪٿي ائين ته ناهي جو گُناهن جي ڪثرت جي نتيجي ۾اسان جي دل پٿر جيان سخت ٿي چڪي آهي، جنهن جي سبب اسان اڃا تائين انهن ڪيفيتن کان محروم هجون؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته ڳڻتي جي ڳالھ آهي جو اسان جي قَسَاوَتِ قلبي (دل جي سختي) ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري غفلت ڪٿي اسان کي جهنّم جي  گهرائين ۾ نه ڪرائي ڇڏي۔   (وَالْعِياذُ بِالله )

گنہ لمحہ بہ لمحہ ہائے! اب بڑھتے ہی جاتے ہیں

 

نہیں پر اس پہ ہائے کچھ ندامت یارسول اللہ

گنہ کرکر کے ہائے! ہو گیا دل سخت پتھر سے

 

کروں کس سے کہاں جاکر شکایت یارسول اللہ

میں بچنا چاہتا ہوں ہائے! پھر بھی بچ نہیں پاتا

 

گناہوں کی پڑی ہے ایسی عادت یارسول اللہ

کمر اعمالِ بدنے ہائے! میری توڑ کر ر کھ دی

 

تباہی سے بچالو جان رحمت یارسول اللہ

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص 328)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سٺي صحبت اختيار ڪرڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل ۾ نرمي پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي جو بُرن ماڻهن جي صُحبت کان پري رهو ۽ نيڪ پرهيزگار ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيو۔ مُفسر ِشهيرحڪيمُ الاُمّت مُفْتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”جيئن لوھ نرم ٿي اَوزار ۽ سون نرم ٿي زيور ۽ مٽي نرم ٿي فصل يا باغ، اٽو نرم ٿي ماني وغيره بڻجن ٿا ائين ئي انسان دل جو نرم ٿي ولي، صُوفي،عارف