Book Name:Dil ki Sakhti

1.      ته الله عَزَّوَجَلَّ سڀني کي اونڌي منهن ڀر جهنَّم ۾ داخل ڪندو۔

(معجم صغير، ص۲۵۰،الجزءالاول )

دل جي سختي ڇا آهي؟

ناحق قتل ۽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گناھ ٿيندا آهن ان جو هڪ سبب دل جي سختي به آهي، دل جي سختي ڇا آهي؟ اچو ٻڌون ٿا! جيئن

مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل تفسير”صراطُ الجنان“ جلد 4 صفحي 370 تي آهي: دل جي سختي جو مطلب هوندو آهي جو مَوت ۽ آخِرت کي ياد نه ڪرڻ جي سبب دل اهڙي سخت ٿي ويندي آهي جو نصيحت دل تي اثر نه ڪري، گناهن جي رغبت ٿئي، گناهه ڪرڻ تي ڪا شرمساري نه ٿئي ۽ توبهه جي طرف توجهه نه هجي۔   (صراط الجنان ،ج۴،ص۳۷۰)

ياد رکو! دل جي سختي جو مرض ڪا معمولي بيماري نه آهي بلڪه ايتري قدر تباهه ڪن آهي جو قرآنِ پاڪ ۾ به باقاعده سخت دل ماڻهن جي مذمت بيان ڪئي وئي آهي، جيئن سيپاري 1،سُوْرَۃُالْبَقَرَه، آيت نمبر74 ۾ اِرشادِ باري تعاليٰ آهي:

ثُمَّ قَسَتۡ قُلُوۡبُکُمۡ مِّنۡۢ بَعۡدِ ذٰلِکَ فَہِیَ کَالۡحِجَارَۃِ اَوۡ اَشَدُّ قَسۡوَۃً ؕ

(پ:۱،البقرۃ: 74)

 

ترجموڪنزُالايمان:  ان واقعي کانپوءِ وري به اوھان جُون دليون سخت ٿِي ويون (ف۱۲۴) ڄڻ ته اُهي پٿر آھن، بلڪ ان کان به وڌِيڪ سخت،