Book Name:Dil ki Sakhti

جي ڪوشش ڪنداسين، اچو! پهريان هڪ سخت دل شخص جو دِل ڏڪائڻ وارو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، نهايت توجهه سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيو۔

هڪ ڏينهن جي ٻارڙي کي زنده دفن ڪري ڇڏيو

پنجاب (پاڪستان) جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ بي رَحْم پيءُ هڪ ڏينهن جي ٻارڙي کي زندهه دفن ڪري ڇڏيو! پوليس مُلزَم کي گرفتار ڪري ورتو۔ تفصيل مطابِق مُلزم جي گھر ڇهين (6) نياڻي پيدا ٿي هئي۔ ظالم پيءُ جو چوڻ آهي ته ان جي نياڻي بدصُورت هئي، ان جو چهرو بگڙيل هو، جنهن تي ان ڊاڪٽر کي ٻارڙي کي زهر ڀريو انجڪشن لڳائڻ جو چيو، ڊاڪٽر جي اِنڪار تي ان ٻارڙي کي زندهه دفن ڪري ڇڏيو۔

( زنده بيٹي کنويں میں پھينک دی، ص4، روزنامه جنگ آن لائن 14جولائي 2012 بِالتصرف)

ناحق قتل جو وبال

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته ڪهڙي طرح ان سخت دل بي رحم پيءُ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو۔ جڏهن ته ان ۾ ٻارڙي يا ان جي ماءُ جو ڪهڙو قُصور؟ هي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي مَشيت آهي اهو جنهن کي چاهي پٽ عطا ڪري، جنهن کي چاهي نياڻي سان نوازي۔

ياد رکو! نياڻي جو قتل هجي يا پٽ جو يا ڪنهن جو به دينِ اسلام ۾ ناحق قتل حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي:

 جيڪڏهن زمين ۽ آسمان وارا ڪنهن مسلمان جي قتل تي گڏ ٿين