Book Name:Dil ki Sakhti

رِيا ڪار ۽ جهنَّم جو حقدار آهي۔ اسان الله عَزَّوَجَلَّ کان اِخلاص جي خيرات گھرون ٿا۔

مِرا ہر عمل بس تِر ے واسِطے ہو

 

کر اِخلاص ايسا عطا يا الٰهي

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

موت کي ياد ڪيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل  ۾ نرمي پيدا  ڪرڻ جو هڪ طريقه اهو به آهي جو پنهنجي موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو وڃي۔حضرت سَيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها جي بارگاه ۾ هڪ عورت دل جي سختي  جي شڪايت وٺي حاضر ٿي ته پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها ان جو اهو علاج ارشاد فرمايو:”موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو توهان جي دل ۾ نرمي پيدا ٿيندي ۔“ان ڪجھ ڏينهن  ائين ئي ڪيو پوءِ  جڏهن ان جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي وئي ته  اُمُّ المومنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صديقه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ۽ پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها جو شڪريو ادا ڪيو۔

(اتحاف السادۃ المتقين،۱۴/۲۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي موت کي ڪڏهن نه وسارڻ گھرجي ۽ دُنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائي  زندگي جي باقي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ جي وڌ کان وڌ عبادت، فڪرِ آخرت ۽ موت کي ياد رکڻ سان گڏوگڏ ان جي  تياري ۾ گذارڻ کپن۔ حُجةُ الاسلام حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: موت خوفناڪ آهي ۽ ان جو خطرو نهايت وڏو آهي پر پوءِ به ماڻهو ان کان غافل آهن جو نه ان جي باري