Book Name:Dil ki Sakhti

کان روايت آهي، حضورپُرنُورصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ”انسان پنهنجي دوست جي دِين تي هوندو آهي ته ان کي ڏسڻ گھرجي ته اهو ڪنهن سان دوستي ڪري رهيو آهي۔ (ترمذي،۴/۱۶۷،حديث:۲۳۸۵) ۽ ديندار دوست تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي حضرت سَيدُنا عُمر فارُوق
رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا’’سچا دوست تلاش ڪيو ۽ انهن جي پناه ۾ زندگي گُذاريو ڇوته اهي خوشي جي حالت ۾ زينت ۽ آزمائش جي وقت سامان آهن۔ ۽ ڪنهن گنهگار جي صحبت اختيار نه ڪيو نه ته ان وٽان گناھ ڪرڻ ئي سکندو۔ (احياء العلوم ،۲/۲۱۴)

نيڪ ٻانهي جي دعا تي آمين چوڻ جي برڪت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دُنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جي لاءِ دِيني مَشغلن ۽ دُنيا جي ضَروري ڪمن کان فَراغت کان پوءِ خَلْوَت يعني تنهائي اختيار ڪيو يا صِرْف اهڙن سنجيده ۽ سنّتن جي پابند اسلامي ڀائرن جي صُحبت حاصل ڪيو جن جو ڳالهيون خوفِ خدا عَزَّوَجَلَّ ۽  عشقِ مصطَفٰي  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اضافي جو سبب بڻجن ۽ اهو وقتاً فوقتاً ظاهري بُرائين ۽ باطِني بيمارين جي نشاندهي ڪندا رهن ۽ ان جو علاج تجويز ڪندا رهن۔ اهڙن نيڪ ٻانهن جي خدمت ۾ حاضِري جي سعادت ڪڏهن ڪڏهن مغفِرت جو سبب بڻجي ويندي آهي، جيئن حضرتِ علامه جلالُ الدّين سُيوطِي شافِعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شرحُ الصُّدور ۾ نَقل ڪن ٿا: حضرتِ سيدُنا يزيد بن هارون رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چون ٿا: مون حضرتِ سيدُناابُواسحق محمدبن يزيد واسِطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خواب ۾ ڏٺو ته پڇا ڪئي: الله عَزَّوَجَلَّ اوهان سان ڪهڙو مُعامَله