Book Name:Dil ki Sakhti

پٿر کان وڌيڪ سخت دل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيتِ مُبارڪه ۾ جن سخت دل ماڻهن جي مذمّت بيان ڪئي وئي آهي، ان مان مُراد بني اسرائيل جا اهي ماڻهو آهن جيڪي حضرت موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي زماني ۾ موجود هئا، ان جي باري ۾ فرمايو ويو ته وڏين وڏين نشانين ۽ حضرت موسيٰ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جا معجزا ڏسي ڪري به اُنهن عبرت حاصل نه ڪئي، انهن جون دليون پٿرن وانگر ٿي ويون هيون بلڪه انهن کان به وڌيڪ سخت، ڇوته پٿر به اَثر قبول ڪندا آهن، جو انهن ۾ ڪنهن مان نديون وهي نڪرنديون آهن، ڪو پٿر ڦاٽي ويندو آهي ته ان مان پاڻي وهندو آهي ۽ ڪو خوفِ الٰهي مان ڪري پوندو آهي جيئن الله تَعَالٰي کي منظور هوندو آهي پر انسان جنهن کي بي پناهه اِدراڪ ۽ شُعُور ڏنو ويو آهي، (جنهن جا) حواس قوي آهن، عَقْل ڪامل آهي، (ان جي اڳيان) دَلائل ظاهر آهن، (۽) عبرت و نصيحت جا موقعا مَوجُود آهن پر پوءِ به الله تَعَالٰي جي اطاعت و بندگي ڏانهن نٿو وڌي۔   (صِراطُ الجِنان ،پاره ۱، ص ۱۴۶، جلد1)

سلسلہ آہ! گناہوں کا بڑھا جاتا ہے

 

نِت نیا جُرم ہر اِک آن ہوا جاتا ہے

قلب پتھر سے بھی سختی میں بڑھا  جاتا ہے

 

خول پر خول سیاہی کا چڑھا جاتا ہے

لاؤں وہ اشک کہاں سے جو سیاہی دھوئیں

 

گندگی میں مرا دل حد سے بڑھا جاتا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                      صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

احاديثِ مبارڪه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي جو دل جي سختي نهايت وڏي بيماري ۽ تباھ ڪن آفت آهي۔ گناهن جي بيمارين ۾ مبُتلا