Book Name:Dil ki Sakhti

ظاهر آهي جيڪو جنّتي لباس پائيندو اهو يقيني طور تي جنّت ۾ به ويندو۔ ماڻهن تي رُعب وجھڻ، اميراڻو ٺٺ ڪرڻ ۽ مَحض پنهنجي نفس جي لاءِ ماڻهن کي مُتاثِّر ڪرڻ جي خاطِر نُمايان، فينسي ۽ چمڪيلو لباس پائڻ وارا اها روايت ٻڌن ۽ فڪر ڪن، جيئن

    حضرتِ سيدُنا عبدُالله ابنِ عُمر رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا کان مروي آهي،تاجدارِ مدينه صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: دُنيا ۾ جنهن شُهرت جو لِباس پاتو، قِيامت جي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ذِلّت جو لِباس پارائيندو۔ (سنَنِ ابنِ ماجه ج۴ ص ۶۳ ۱ حديث ۳۶۰۶ )

لباسِ شُهرت ڇا کي چئبو آهي؟

مُفسّرِشهير حڪيمُ الامّت حضرتِ مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا، يعني اهڙو لباس پائڻ جو ماڻهو امير (يعني مالدار) سمجھن يا اهڙو لباس پائي جو جنهن سان ماڻهو نيڪ پرهيزگار سمجھن، اهي ٻئي قسم جا لباس، شُهرت جا لباس آهن ۔ مطلب ته جنهن لباس ۾ نيت اها هجي ته ماڻهو ان جي عزّت ڪن اهو ان جو لباسِ شهرت آهي ۔صاحِبِ مِرقاۃ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو، مَسخرن وارن لباس پائڻ، جنهن سبب ماڻهو کلن اهو به لباسِ شُهرت آهي۔

(مُلَخَّص از مراٰة ج ۶ ص ۱۰۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقِعي سخت امتحان آهي ،لباس پائڻ ۾ نهايت غور ڪرڻ ۽ ڏيکاء کان بچڻ جي سخت ضَرورت آهي ۽ جيڪي ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ سادو لباس ۽ عِمامه و چادر وغيره اپنائي ٿو، اهو