Share this link via
Personality Websites!
ته ان جي دل سخت آهي ان ۾ حيا نه آهي۔ سختي اهو وڻ آهي جنهن جي جڙ انسان جي دل ۾ آهي ۽ ان جي شاخ دوزخ ۾۔ اهڙي بي لغام انسان جو انجام اهو ٿيندو آهي جو اهو الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ رسول الله صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ به بي ادب ٿي ڪافر ٿي ويندو آهي۔
(مراٰۃ ج ۶ ص ۶۴۱)
مسلماں ہے عطاؔر تیری عطا سے
ہو ایمان پر خاتمہ یا اِلٰہی
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
دل جي سختي جو نقصان اهو به آهي جو انسان الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت، قرآن ِپاڪ جي تلاوت ۽ نيڪ عملن کان به محروم ٿي ويندو آهي. حالانڪه اسان جي زندگي جو مقصد ئي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۽ نيڪ عملن جي رغبت رکڻ آهي۔ جيئن اِرْشادِ باري تعالٰي آهي:
| وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (پ۲۷، الذّرِيٰت:۵۶) | ترجموڪنزُالايمان: ۽ مون جنن۽ انسانن کي ان ڪري بڻايو ته منهنجي بندگي ڪن |
هڪ ٻي هنڌ تي ارشاد ٿئي ٿو:
| الَّذِیۡ خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ اَیُّکُمۡ اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ (پ:۲۹، المُلڪ:۲) |
| ترجموڪنزُالايمان: اهو جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جو امتحان ٿئي ته توهان مان ڪنهن جا ڪم وڌيڪ بهتر آهن ۔ |
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami