Book Name:Dil ki Sakhti

ڪيو  انهن جي ويجھو رهندا ڪيو ۽ سنگدل (سخت دل) ماڻهن کان ڀلائي نه گھرو ڇو ته انهن تي لعنت لهندي آهي۔

 (المستدرڪ ،ڪتاب الرقاق ،باب اشقي الاشقياء من اجتمع ،،،،الخ ،الحديث ۷۹۷۸، ج ۵، ص۴۵۸ )

یا رَبّ پئے رضا مجھے وہ آنکھ دےکہ جو

عشقِ رسول ِ پاک میں آنسو بہا سکے

وہ آگ میرے سینے میں آقا لگائیے

پتھر سے سخت دل کو بھی جو کہ جلا سکے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

فڪرِ مدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيئن ته هينئر اسان دل جي سختي جا 4 نقصان ٻڌا، اسان تنظيمي طور تي پنهنجو جائزو وٺون، مثال طور اهي اسلامي ڀائر جيڪي پهريان مدني ماحول سان وابسته هئا، مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا هئا، صداء مدينه لڳائي مسلمانن کي نماز جي لاءِ جڳائيندا هئا، پر هاڻ پنهنجي نماز جي لاءِ اٿڻ مشڪل لڳندو آهي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن ته مدني درس (درسِ فيضانِ سُنّت) جي ذريعي سُنتن جا مدني گل، عاشقانِ رسول تائين عام ڪندا هئا، پر هاڻي ان مدني ڪم کان محرومي آهي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن جيڪي ڪڏهن چوڪ درس جي ذريعي مسلمانن کي سڏي سڏي  گناهن کان بچڻ ۽ نيڪي جي ترغيب ڏياريندا هئا، پر هاڻ چوڪ درس ڏيندي شرم محسوس ٿيندو آهي، اهي اسلامي ڀائر غور ڪن