Book Name:Dil ki Sakhti

عِبادت میں لگتا نہیں دل ہمارا

ہیں عِصیاں میں بدمست ہم یا اِلٰہی

بڑی کوششیں کی گناہ چھوڑنے کی

رہے آہ! ناکام ہم یا اِلٰہی

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي ان  آفت (يعني دل جي سختي) کان نجات عطا فرمائي ۽ پنهنجي عبادت ۽ تلاوت ۾ خشوع و خضوع ۽ اخلاص ۽ استقامت  جي دولت عطا فرمائي۔    اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين            صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

(2) نصيحت اثر نه ڪرڻ!

اهڙي طرح دل جي سختي جي هڪ علامت اها به آهي جو  جڏهن  وعظ ۽ نصيحت ۽ آخرت جي ياد ڏيارڻ وارن معاملن يا اوچتو موت جا واقعا پڙهي يا ٻڌي ڪنهن جي دل ۾ فڪر ِآخرت يا نيڪين جي رغبت پيدا نه ٿئي ته اها به  سخت دلي جي علامت آهي ۔

(3)آخرت تي دنيا کي ترجيح ڏيڻ

دل جي سختي جي هڪ علامت اها به آهي جو ٻانهو هميشه رهڻ واري آخرت تي هن دنيا جي عارضي زندگي کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ دنيا  ئي کي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجھي  ڪري ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بي چين رهندو آهي، ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اهڙو شخص دنيا جي مَحَبَّت ۾ انڌو ٿي گناهن جي