Book Name:Dil ki Sakhti

ڪرڻ ۾ هن بيماري جو وڏو هٿ آهي۔ ان جي تباه ڪارين جي پيشِ نظر حضرتِ عبدالله بن مُبارَڪ رَحْمة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائيندا هئا: مومن ٻانهي جي لاءِ سڀ کان وڏي سزا اها آهي جو ان جي دل سخت ٿي وڃي۔ (حلية الاوليا، جعفرالضبيعي،۳/۴۴) ڇوته دل جي سختي گُناهن ۾ اضافو ڪندي آهي، دل جي سختي دِين کان پري ڪندي آهي، دل جي سختي عبادت ۽ تلاوت ۽ ذِڪرُالله جي مٺاس ختم ڪندي آهي، دل جي سختي الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کان پري ڪندي آهي، دل جي سختي بدبختي جي علامت آهي اَلْغَرَض! اها هڪ اهڙي بيماري آهي جو جنهن سان مزيد ظاهري ۽ باطني بيماريون پيدا ٿينديون آهن۔احاديثِ مُبارڪه ۾ ان جي مذمت بيان ٿي آهي۔ اچو! هن باري ۾ وڌيڪ ٻه (2) احاديثِ طيبه ٻڌون ٿا:

1.           ”سخت دل انسان الله تعالي (جي رَحْمت) کان گھڻو پري رهندو آهي۔“ (ترمذي، ڪتاب الزهد، ۶۲۔باب منه، ۴/۱۸۴، الحديث: ۲۴۱۹)

2.         ”چار(4) شيون بدبختي مان آهن، (1) لڙڪن جو نه وهڻ (2) دل جو سخت هئڻ (3) ڊگھيون اُميديون رکڻ (4) ۽ دُنيا جي حِرص ۾ مبُتلا ٿيڻ۔“ (الجامع الصغير،ص:۶۲، الحديث: ۹۲۱)

دل جي سختي جون نشانيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کان دُوري ۽ هميشه جي بدبختي جو هڪ سبب دل جي سختي به آهي۔ اڄڪل اڪثر ماڻهو پريشانين، مصيبتن، مالي بدحالين ۽ ڪاروباري رُڪاوٽن بابت شڪايتون ڪندا نظر ايندا آهن، غور ڪرڻ گھرجي ته