Book Name:Dil ki Sakhti

انهن تمام مصيبتن جو سبب اسان جي دل جي سختي ۽ ان جي سبب ٿيڻ واري الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کان دُوري ته ناهي؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو اسان جون دليون سختي ۾ پٿر کان به وڌيڪ سخت ٿي چڪيون هجن ۽ اسان کي ان جي خبر ئي نه هجي؟ يقيناً هر بيماري جون ڪجھ نه ڪجھ نشانيون هونديون آهن، جن سان بيماري جي تشخيص (يعني اُن بيماري جي سڄاڻپ) آسان  ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح دل جي سختي جون به ڪجھ علامتون آهن، اچو ان مان ڪجھ علامتون ٻڌون ٿا۔

(1)عبادات ۾ ڪوتاهي ڪرڻ

دل سخت ٿيڻ جي هڪ علامت اها آهي جو اِنسان نيڪ عملن کان پاسو ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪڏهن مسجد ۾ وڃڻ جي توفيق ملي  به وڃي ته خُشوع ۽ خُضوع جي بغير جلدي جلدي اهڙي طرح نماز پڙھندو آهي جو ڄڻ پنڃري ۾ قيد پکي جيڪو جلد آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي۔ اهڙي طرح ٻيا فرض ۽ واجب به بوجھ محسوس ٿيڻ لڳندا آهن۔ دل جي سختي جي اها علامت نهايت بُري آهي ڇوته قرآنِ پاڪ ۾ منافقين جي اها ئي علامت بيان ٿي آهي۔ جيئن ارشادِ باري تَعَالٰي آهي:

وَ اِذَا قَامُوۡۤا اِلَی الصَّلٰوۃِ قَامُوۡا کُسَالٰی ۙ    (پ:۵، النسآ:۱۴۲)

 

ترجموڪنزُالايمان: ۽ جڏهن نَماز تي اُٿندا آهِن ته ڀڳل دِل سان