Book Name:Dil ki Sakhti

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دل جي سختي بابت علاج

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان کي ڪو مُهلڪ (هلاڪ ڪرڻ وارو) مَرَض لڳي پوي ته اسان پريشان ٿي ويندا آهيون ۽ ان کان نجات جي لاءِ علاج مُعالجه شُروع ڪندا آهيون۔ پر دل جي سختي جيڪا ايتري قدر مُهلڪ باطني بيماري آهي جيڪا دُنيا جي بربادي سان گڏوگڏ آخرت ۾ ذِلّت ۽ رُسوائي جو سبب بڻجي سگھي ٿي، لهٰذا اسان کي به گھرجي ته دل جي سختي جو علاج ڪندي اهڙا ڪم ڪيون جيڪي دل ۾ نرمي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن۔ اچو! انهن ۾ ڪجھ علاج  ٻڌون ٿا۔

الله عَزَّ وَجَلَّ جو خوف پيدا ڪيو

دل کي نرم ڪرڻ  وارن  ڪمن مان هڪ اهو به آهي ته قرآنِ پاڪ جي گهڻي کان گھڻي تلاوت ڪئي وڃي ۽ جن آيتن سڳورين ۾عذابِ الٰهي جو بيان آهي، انهن تي غور وفڪر ڪيو وڃي، اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ
ان جي برڪت سان دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيندو ۽ دل به نرم ٿيندي۔  جيئن ته سيپاري 23، سُوْرَۃُالزُّمَر،  آيت نمبر23 ۾ ارشاد ِباري تعاليٰ آهي:

اَللّٰہُ  نَزَّلَ  اَحۡسَنَ الۡحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا  مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقۡشَعِرُّ مِنۡہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخۡشَوۡنَ  رَبَّہُمۡ ۚ ثُمَّ  تَلِیۡنُ جُلُوۡدُہُمۡ وَ قُلُوۡبُہُمۡ  اِلٰی ذِکۡرِ اللّٰہِ ؕ                                                    (پ23،زمر:23)

 

ترجموڪنزُالايمان: الله لاٿو سڀ کا سهڻو ڪتاب جيڪو اول کان آخر تائين هڪ جهڙو آهي، تڪرار سان

 

بيان ڪندڙ ان سان وار ڪنڊارجي ويندا آهن انهن جي بدن تي جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن پوءِ انهن جون کلون۽ سندن دليون نرم ٿي پون ٿيون، خداجي ياد گيري جي شوق ۾ .