Share this link via
Personality Websites!
آهي جو غير مسلمن جي نَقّالي ڪندي نِت نئون ڊيزائن ۽ طرح طرح جي تَراش خَراش وارو لباس پائڻ تي فخر محسوس ڪندا ۽ ان طرح ڪا لباس پائڻ ۾ پنهنجي عزت سمجھندا آهن۔ ياد رکو! انسان جي عزت وعظمت لباس کان ناهي بلڪ ان جي ڪردار سان ٿيندي آهي، ڪنهن جو لباس ته نهايت قيمتي هجي پر عادت واَطوار ٺيڪ نه هجن ته ڪو به اهڙي شخص کي پسند نٿو ڪري۔ ڪي ماڻهو ٻين کي مُعاشري ۾ هيٺانهون ڏيکارڻ جي لاءِ مهانگا لباس پائيندا آهن ۽ پاڻ تڪبُّر جي آفت ۾ گرفتار ٿي ان جي دل آزاري جو سبب بڻجندا آهن۔ ڪي اهڙو سنهو لباس پائيندا آهن جو جنهن سان جسم جا اهي حصّا به ظاهر ٿيندا آهن جن کي لڪائڻ ضروري آهي۔ تنهنڪري فيشن وارو لباس پائڻ جي بدران سُنَّت جي مُطابق لباس پايو ۽ سادگي اپنايو، ان جي برڪت سان ٻنهي جھانن ۾ ٻيڙو پار ٿيندو ۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ
تاجدارِ مدينه صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو قدرت باوُجُود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (عاجِزي ) جي طور تي ڇڏي ڏيندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ڪرامت جو حُلَّه (يعني جنّتي لباس) پاريندو۔
(ابو داود ج ۴ ص ۳۲۶، حديث ۴۷۷۸)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ٻانهي وٽ دولت آهي، عُمده لباس پائڻ جي طاقت آهي، پوءِ به الله رَبُّ العزّت عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي خاطر عاجِزي اختيار ڪندي ساده لباس پائڻ وارو جنّتي لباس پائيندو ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami