Book Name:Dil ki Sakhti

بڻجندا آهن ۽ پوءِ انهن کي  ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ۔ اچو! ان ۾ ڪجھ  اسباب  ٻڌون ٿا۔

دنيا جي مَحَبَّت

1.          دل جي سختي جو هڪ سبب دنيا جي مَحَبَّت آهي ڇوته جڏهن دُنيا جي مَحَبَّت انسان جي دل تي ڇائنجي ويندي آهي ته دل ان جي طرف متوجهه ٿيڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ ذِڪرُالله ۽ عبادت ۾ دل ناهي لڳندي ۽ انسان دنيا جي راند روند تماشن ۽ ان جي فاني رونقن ۾ دل جو چين ۽ سڪون تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ پهريان فضول ۽ گناهن ڀرين ڪمن ۾ دُنيا برباد ڪندو آهي ۽ پوءِ آخرت ۾ به ذِلَّت ۽ رُسوائي ان جو مُقدر ٿي سگھي ٿي۔

دل جي سختي جو هڪ سبب فُضول گوئي به آهي جو وڌيڪ ڳالهائڻ يا بي سوچي سمجھي ڳالهائڻ زبان جي ٻين آفتن سان گڏوگڏ دل جي سختي جو باعث به بڻجندو آهي،ڇوته دلي احساسات کي ظاهر ڪرڻ جو آلو زبان ئي آهي ائين زبان دل جي ترجمان چئبي،  جڏهن به زبان هلندي دل ۽ دماغ ان ڏانهن متوجهه ٿيندا، فالتو۽ بي ڪار ڳالهين۾مصروفيت جي وجهه سان دل ۽ دماغ الله عَزَّوَجَلَّ جي نشانين ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ، پنهنجي عاقبت (آخرت) سنوارڻ، موت ۽ان کان بعد جي حالتن جي باري ۾سوچڻ جي طرف گھٽ ڌيان ڏيندا، ائين دل خود بخود سخت ٿيڻ شروع ٿي ويندي۔ حديثِ پاڪ ۾ دل جي سختي جو هڪ سبب فضول گوئي کي قرار ڏنو ويو آهي، جيئن فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: اي انسانو! ذڪر الله کان