Share this link via
Personality Websites!
غمِ مصطفی میں بس آنسو بہاؤں
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْسان هميشه ان شيء کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن ۾ ان کي فائدا نظر ايندا آهن، جڏهن ته اهي شيون جيڪي نُقصان جو سبب آهن هر سمجھدار شخص اهڙين شين کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ دل جي سختي ۾ به يقيناً ڪو فائدو نه آهي بلڪه سراسر نُقصان ئي نقصان آهي۔ جڏهن انسان جي دل سخت ٿي وڃي ته ان کي ڪهڙن ڪهڙن نُقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو؟ اچو! اهو به ٻڌون ٿا جيئن،
دل جي سختي جو هڪ نقصان هي آهي جو انسان گناهن تي دلير ٿي ويندو آهي، ان کي قبر جي وحشت، خوفِ قيامت، حسابِ آخرت ۽ عذابِ جهنم جو ڪو فڪر ناهي هوندو، هر طرح جي نصيحت کان بي پروا ٿيڻ سان گڏوگڏ اهڙو اِنْسان بيباڪ ۽ بي لغام ٿي ويندو آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي جو بعض اوقات اهڙو اِنسان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي مَدَني حبيب صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ گستاخي ڪري ايمان کان به ويندو آهي۔ مُفَسّرِ شهير، حڪيمُ الْاُمَّت حضرتِ مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص زَبان جو بيباڪ هجي جو هر بُري ڀلي ڳالھ بنا ڊپ جي وات مان ڪڍي ته سمجھي وٺو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami