Book Name:Dil ki Sakhti

۾ سوچ ويچار ڪندا آهن نه ان کي ياد ڪندا آهن ۽  جيڪڏهن ڪو ياد به ڪندو آهي ته بي توجهي سان ڪندو آهي جو  دل دُنياوي خواهشن ۾ مشغول رهندي آهي لهٰذا موت جي ياد سان دل کي ڪو فائدو نٿو ٿئي، البت فائدو ان طريقي سان پهچي سگھي ٿو جو موت کي پنهنجو آڏو سمجھندي ياد ڪري ۽ ان جي علاوه هر شيء کي پنهنجي دل کان ڪڍي ڇڏي، جيئن ڪو شخص  خطرناڪ جنگل ۾ سفر جو اِرادو ڪري يا سامونڊي سفر جو اِرادو ڪري ته بَس ان جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندو رهندو آهي، ان ڪري جڏهن موت جي ياد جو تعلُّق دل کان سڌو سئون هوندو ته ان جو اثر به ٿيندو ۽ علامت اها  هوندي جو دنيا مان  دل ايترو ٽٽي چڪو هوندو جو دنيا جي هر خُوشي بي معني ٿي ويندي۔ (احياء العلوم ،۵/۱۹۵)

قبرن جي زيارت ڪرڻ

دل جي سختي دُور ڪرڻ جي لاءِ وَقتاً فوقتاً قبرن جي زِيارت به ڪندو رهڻ گھرجي، انهن ۾ موجود مُردن جي بي بسي تي ان طرح غور ڪيو جو انهن مان بعض انسان دنيا ۾ پنهنجي ڪپڙن تي مٽي جو هڪ داغ برداشت نه ڪندا هئا اڄ پاڻ قبر ۾ مڻين مٽي هيٺ پيا آهن، انهن مان بعض اهڙا نازُڪ مزاج هئا جو پنهنجي نڪ تي ڪڏهن مک نه ويهڻ ڏيندا هئا پر اڄ قبر ۾ ڪيڙن مڪوڙن انهن جو ڇا حال ڪري ڇڏيو هوندو؟ قبرن جي زيارت ڪري ان طرح غور و فڪرڪرڻ سان اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ دل ۾ نرمي پيدا ٿيندي جيئن ته نبي ڪريم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي اِرْشاد فرمايو: مان توهان کي