Share this link via
Personality Websites!
ڳالھ جو احساس ٿيو ته مون هينئر تائين غفلت ڀري زندگي گذاري رهيو هئس۔ انهيء وقت مون سچي دل سان گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي، نمازي بڻجي ويس۔ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ به حاضر ٿيڻ لڳس۔ چهري کي ڏاڙهي مبارڪ ۽ مٿي کي عمامي شريف سان سجائي ورتو ۽دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ (ڪاري وڇون جو خوف:۲۸)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دل ۾ نرمي پيدا ڪرڻ جي لاءِ غذا سان گڏوگڏ لباس ۾ به سادگي اِخْتيار ڪرڻ گهرجي ۽ ٿي سگھي ته ڪپڙن ۾ چتيون لڳائيندا ڪيو، ڇو ته چتيون لڳل ڪپڙا پائڻ سان دل نرم ٿيندي۔ هڪ ڀيرو اَمِيرُالْمُؤمِنِين حضرتِ مولاء ڪائنات، علي المُرتَضيٰ شيرِخدا ڪرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْڪرِيم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو، اوهان پنهنجي قميص ۾ چتيون ڇو لڳائيندا آهيو؟ فرمايائون: يخْشَعُ القَلْبُ وَ يقْتَـدِي بِه الْمُؤمِنُ يعني ان سان دل نرم رهندي آهي ۽ مومِن ان جي پَيروي ڪندو آهي (يعني مومِن جي دل نرم ئي هئڻ گھرجي) (حلية الاولياء ج۱ص۱۲۴)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته چتيون لڳل لباس پائڻ سان مومن جي دل نرم ٿيندي آهي پر في زمانه مسلمانن جي حالت هي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami