Book Name:Dil ki Sakhti

اَللّٰہُ  نَزَّلَ  اَحۡسَنَ الۡحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا  مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقۡشَعِرُّ مِنۡہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخۡشَوۡنَ  رَبَّہُمۡ ۚ ثُمَّ  تَلِیۡنُ جُلُوۡدُہُمۡ وَ قُلُوۡبُہُمۡ  اِلٰی ذِکۡرِ اللّٰہِ ؕ                                                    (پ23،زمر:23)

 

ترجموڪنزُالايمان: الله لاٿو سڀ کا سهڻو ڪتاب جيڪو اول کان آخر تائين هڪ جهڙو آهي، تڪرار سان

 

بيان ڪندڙ ان سان وار ڪنڊارجي ويندا آهن انهن جي بدن تي جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن پوءِ انهن جون کلون۽ سندن دليون نرم ٿي پون ٿيون، خداجي ياد گيري جي شوق ۾ .

اي ڪاش! اسان کي به روزانه قرآنِ پاڪ پڙھڻ جي سعادت ملي وڃي، اي ڪاش! آيتن سڳورين ۾ غوروفڪر جي برڪت سان خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي ها، اي ڪاش! اسان جي دلين تان غفلت جو پردو هٽي وڃي ها، اي ڪاش! بُري خاتِمي جو خوف ۽ هميشه پنهنجي پروردگار عَزَّوَجَلَّ جي ناراضگي جو فڪر لڳل رهي ها، پر افسوس صد افسوس! اسان کي ان جو ڪو احساس ئي نه آهي، اسان پنهنجو ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ ڪيترو وڏو عرصو دُنيا جي فضول ڪمن ۾ وڃائي چڪا آهيون، ڇا ان دوران اسان پنهنجي دل ۾ ڪڏهن خوفِ خُدامحسوس ڪيو؟ ڇا ڪڏهن اسان جي اکين مان خوفِ اِلٰهي جي ڪري لڙڪ نڪتا؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن گناه جي لاء اٿندڙ قدم ان جي نتيجي ۾ ملڻ واري سزا جو سوچي واپس ٿيا؟ ڇا ڪڏهن رَبّ تعاليٰ جي ناراضگي جو سوچي اسان کي گُناهن کان نفرت محسوس ٿي؟

  جيڪڏهن جواب ها ۾ هجي ته سوچيو ته جيڪڏهن اسان انهن ڪيفِيتن کي محسوس به ڪيو ته ڇا خوفِ خدا عَزَّوَجَلَّ جي عملي تقاضن تي عمل پَيرَا ٿيڻ جي سَعَادَت حاصل ڪئي يا مَحض ان ڪيفِيتن کي