Book Name:Dil ki Sakhti

وغيره بڻجندو آهي۔دل جي نرمي الله (عَزَّوَجَلَّ) جي وڏي نعمت آهي، اها دل جي نرمي بُزرگن جي صحبت ۽ انهن جي پاڪ گفتگو سان نصيب ٿيندي آهي۔“ (مراۃ المناجيح،۷/۲) ۽ نيڪ ماڻهن جي صُحبت اختيار ڪرڻ جو حڪم ته پاڻ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 11 سُوْرةُ التَّوْبَة  آيت 119 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ کُوۡنُوۡا مَعَ  الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۱۱۹﴾

 

 

ترجموڪنزُالايمان:  اي اِيمان وارو! الله کان ڊِڄو ۽ سچن جِي صُحبت ۾ هُجو.

 مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل تفسير صراطُ الجنان  جلد 4 صفحه 258 تي آهي هن آيت ۾ نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ جو به ثُبوت ملي ٿو ڇوته انهن سان گڏ ٿيڻ  جي هڪ صورت انهن جي صحبت اختيار ڪرڻ به آهي ۽ انهن جي صحبت اختيار ڪرڻ جو هڪ اَثر اهو ٿيندو آهي جو انهن جي سيرت ۽ ڪردار ۽ چڱا عمل ڏسي پاڻ کي به گُناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جي توفيق ملي ويندي آهي ۽ هڪ اَثْر اهو ٿيندو آهي جو دل جي سختي ختم ٿيندي ۽ ان ۾ رِقَّت و نرمي محسوس ٿيندي آهي،ايمان تي خاتمي ۽ قبر و حشر جي هولناڪ مُعاملن جو فڪر نصيب ٿيندو آهي، ان ڪري هر مسلمان کي گھرجي ته اهو نيڪ ٻانهن سان تَعلُّقات بڻائي ۽ انهن جي صحبت اختيار ڪري ۽ ڪنهن جي به صحبت اختيار ڪرڻ کان پهريان غور ڪري ته اهو ڪنهن جي صحبت اختيار ڪري رهيو آهي حضرت ابوهريره رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه