Book Name:Maut kay Qasid

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ته هر سال نه ته زِندگي ۾ گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو ته سڄي رَمَضان المبارَڪ جو اِعتڪاف ڪرڻ ئي گھرجي۔ اسان جي پياري پياري ۽ رَحمت واري آقا، مٺي مٺي مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا ۽ خاص ڪري رَمَضان شريف ۾ عبادت جو گهڻو ئي اهتِمام ڪندا هئا۔ جيئن ته رَمَضان جي مهيني ۾ ئي شبِ قَدْر کي به پوشيده رکيو ويو آهي، تنهنڪري هن مبارَڪ رات کي تلاش ڪرڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري سڄي مبارَڪ مهيني جو اعتِڪاف فرمايو۔ ۽ ائين به مسجِد ۾ پيو رهڻ نهايت وڏي سَعادَت آهي ۽ مُعتَڪف جي ته ڇا ڳالھ آهي جو رضاءِ الهٰي عَزَّوَجَلَّ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي سڀني مشغلن کان فارِغ ڪري مسجِد ۾ ويهي رهندو آهي۔ فتاويٰ عالمگيري ۾ آهي،'' اعتِڪاف جون خوبيون بلڪل ئي ظاهر آهن ڇوته هن ۾ ٻانهو الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪمَّل طور تي  پنهنجي پاڻ کي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ متوجهه ڪندو آهي ۽ انهن سڀني دُنياوي مَشغلن کان پاسو ڪري وٺندو آهي جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ جي قُرب جي راھ ۾ حائل ٿيندا آهن ۽ مُعتَڪف جو سمورو وقت حَقيقةً يا حُڪمًا نَماز ۾ گذرندو آهي۔ (ڇوته نَماز جو انتِظار ڪرڻ به نماز جي طرح ثواب رکي ٿو) ۽ اعتِڪاف جو اصلي مقصد جماعت سان نَماز جو انتِظار ڪرڻ آهي ۽ مُعتَڪف انهن (ملائڪن) سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم جي نافرماني نٿا ڪن ۽ جيڪو ڪجھ انهن کي حُڪم ملندو آهي ان کي ادا ڪندا آهن، ۽ انهن سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي ڏينهن رات الله