Book Name:Maut kay Qasid

ئي عمر انسان کي خوابِ غفلت کان بيدار ڪندي ۽ نيڪين جي طرف راغب ڪندي آهي پر هاڻي ان عُمر ۾ به انسان غَفْلت کان ڪم وٺي ته اهڙي شخص جو آخِرت ۾ ڇا حال ٿيندو۔ جيئن الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 22  سُوْرَةالْفاطِر آيت نمبر 37 ۾ ارشاد فرمائي ٿو۔

وَهُمْ يَصْطَرِخُونَ فِيهَا رَبَّنَا أَخْرِجْنَا نَعْمَلْ صَالِحًا غَيْرَ الَّذِي كُنَّا نَعْمَلُ أَوَلَمْ نُعَمِّرْكُمْ مَا يَتَذَكَّرُ فِيهِ مَنْ تَذَكَّرَ وَجَاءَكُمُ النَّذِيرُ فَذُوقُوا فَمَا لِلظَّالِمِينَ  مِنْ نَصِيرٍ

 

تَرْجَمَو ڪنز الايمان: ۽ اهي ان ۾ رڙيون ڪندا هوندا. اي اسان جا رب اسان کي ڪڍ. جو اسان چڱا ڪم ڪريون ان جي خلاف جيڪي اڳي ڪندا هئاسي ۽ ڇا اسان اوهان کي ايتري زندگي نه ڏني هئي جنهن ۾ سمجهي وٺي ها جنهن کي سمهجڻو هجي ها ۽ ڊيڄاريندڙ توهان وٺ تشريف وٺي آيو هو پوءِ هاڻي چکو جو ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي.

هن آيتِ مبارڪه جي تحت تفسير جي ڪتابن ۾ هڪ قول جي مُطابق (النَّذِيرُ) کان مُراد پوڙهائپ آهي۔عَلامه بَغَوي رَحْمَة الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته جڏهن هڪ وار اڇو ٿي ويندو آهي ته اهو ٻين کي چوندو آهي ته توهان به تيار ٿي وڃو جو موت جو وَقْت قريب اچي ويو آهي۔

(تفسير بغوي، ج ۳ ص ۴۹۵،تفسير در منثور،ج۷،ص۳۲)

معلوم ٿيو ته پوڙهائپ به موت جي قاصدن مان آهي اها اهڙي عمر آهي جو ان ۾ انسان کي نفس جون خواهشون ڇڏي ڪري دُنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائي الله عَزَّوَجَلَّ جي طرف توجهه  لڳائڻ گھرجي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن موت جي ياد ۽ آخرت جي تياري ۾ گذارڻ