Book Name:Maut kay Qasid

نبيوں جي تاجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي:''انسان پُوڙھو ٿي ويندو آهي پر ان جون ٻه شيون جوان رهنديون آهن: (۱) حِرص ۽ (۲) ڊگھي اُميد۔'' (صحيح مسلم،ڪتاب الزڪاة،باب ڪراھية الحرص علي الدنيا، الحديث ۱۰۴۷، ص ۵۲۱)

اهڙي طرح شهنشاه خُوش خِصال ،پيڪرِحُسن وجمال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي:'' پُوڙھي جو دل ٻن شين جي مَحَبَّت ۾ جوان ئي رهندو آهي (۱) زِندگي ۽ (۲) مال جي مَحَبَّت۔''

(صحيح مسلم،ڪتاب الزڪاة،باب ڪراھية الحرص علي الدنيا،الحديث۱۰۴۶،ص۵۲۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته انسان چاهي پوڙهائپ جي عمر  تي ئي ڇو نه پهچي وڃي پر مال ودولت جي مَحَبَّت ۽ هوس ان عمر ۾ به ان جو پيڇو ناهي ڇڏيندي ۽ ائين اُن کي عبادت ۽ رياضت جي چاشني نصيب ناهي ٿيندي ۔ پنهنجي دل مان دُنيا جي مَحَبَّت مِٽائي موت جي ياد دل ۾ وڌائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ’’لڙڪن جو دريا‘‘ مان 3 نصيحت آموز عربي شعر جو ترجمو ٻڌو ۽ توبه کان پوءِ پنهنجي باقي زِندگي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ گُذارڻ جي نِيت ڪري وٺو۔

1.   اي پوڙها شخص! ڇا پيري اچڻ جي باوجود به تون جهالت ۾ مبتلا آهين؟ هاڻي (هن عمر) ۾ تنهنجي طرفان جهالت جو مظاهرو سٺو ناهي۔