Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
سڀ ان طرف ڊوڙي رهيا آهن ۽ اها منزل ڇا آهي؟ فنا. هتي سڀ ڪجهه فاني آهي...!! رات کان پوءِ ڏينهن، ڏينهن کان پوءِ رات، هڪ هفتي کان پوءِ ٻيو هفتو، هڪ مهيني کان پوءِ ٻيو مهينو، هڪ سال کان پوءِ نئون سال اچي اهو ئي ٻڌائيندو آهي، اهو ئي پيغام ڏيندو آهي ته هتي سڀ فاني آهن...!!
دنیا فانی ہے اہلِ دنیا فانی شہر و بازار و کوہ و صحرا فانی
دل شاد کریں کس کے نظّارہ سے حسنؔ آنکھیں فانی ہیں یہ تماشا فانی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! شروع ۾ اسان سيپارو: 19، سورت فرقان جي آيت: 62 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، ان ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته ڏينهن رات جي هن سلسلي ۾ حڪمت ڇا آهي؟ ان مان اسان کي ڇا سبق ملندو آهي؟
ارشاد ٿئي ٿو:
وَ هُو (پارہ:19، الفرقان:62)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اهو ئي آهي.
ڪير...؟ الله پاڪ. آيت ۾ اڳتي ڏينهن رات جي سلسلي جو ذڪر آهي ۽ الله پاڪ ان جي ذريعي اسان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي يعني هي ان آيتِ ڪريمه جو پهريون سبق ٿيو ته هي ڏينهن ۽ رات جو اچڻ وڃڻ الله پاڪ جي وجود ۽ ان جي هڪ هجڻ جو دليل آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان ڏينهن ۽ رات کي فضوليات ۾ وڃائڻ بدران، ان ۾ غور و فڪر ڪريون ۽ ان جي ذريعي الله پاڪ جي قدرت، ان جي اختيارن ۽ پنهنجي بيوسيءَ جي سڃاڻپ حاصل ڪريون.