Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
ڏسڻو ته اهو آهي ته اسان جا اعمال ڪهڙا آهن؟ سٺو اهو آهي جنهن جي عمر ڊگهي هجي ۽ اعمال سٺا هجن ۽ جيڪڏهن نئون ڏينهن ته ملي، نئون هفتو، نئون مهينو، نئون سال ڏسڻ ته نصيب ٿئي پر اعمال برا ئي رهن، پهريان ئي گناهن ۾ ٻڏل هو، نئون سال ملڻ تي به گناهن ۾ مبتلا رهي، پهريان ئي غفلت ۾ ڏينهن گذري رهيا هئا، نئون سال شروع ٿيڻ تي به غفلت طاري رهي، اهڙو شخص سٺو نه، تمام خراب آهي. الله پاڪ اسان کي اهڙين محرومين کان محفوظ فرمائي ۽ نيڪين واري ڊگهي زندگي عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
بيان جو خلاصو هي آهي ته ڏينهن رات جي بدلجڻ، هڪ سال کان پوءِ نئين سال اچڻ ۾ تمام گهڻيون حڪمتون آهن * هي اسان کي موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي ته پوئين سال جيڪي اسان کان ڪوتاهيون ٿي ويون، جيڪي ڪم اسان نه ڪري سگهياسين، هاڻي موقعي کي غنيمت ڄاڻون ۽ پوين ڏينهن جي ڪوتاهين جو ازالو ڪري وٺون * هن ڏينهن رات جي بدلجڻ ۾ اسان لاءِ غفلت مان بيداري جو پيغام آهي، ان مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان نصيحت وٺڻ وارا بڻجي وڃون * ۽ هي مقامِ شڪر به آهي ته الله پاڪ اسان کي هڪ نئون ڏينهن، نئون سال عطا فرمايو آهي. * تنهڪري هن نئين سال ۾ پنهنجين پوين ڪوتاهين جو جائزو وٺجي، اڃا زندگي باقي آهي، ان تي شڪر ادا ڪيو وڃي ۽ وڌ کان وڌ نيڪ اعمال جي ڪوشش ڪئي وڃي! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد