Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
يعني ڏينهن رات جي تبديلي ۽ هڪ ٻئي جي پويان اچڻ ۾ حڪمت ان لاءِ آهي جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
هي ٻيو سبق آهي: تَذَڪُّر يعني نصيحت حاصل ڪرڻ. غفلت مان جاڳي نئين ڏينهن، نئين رات ۽ نئين سال مان عبرت وٺڻ. مطلب هي ته ڏينهن کان پوءِ رات، رات کان پوءِ ڏينهن، هڪ سال کان پوءِ نئون سال اچڻ ۾ اسان لاءِ نصيحت آهي، عبرت آهي، جيڪڏهن اسان انهن ڏينهن ۽ راتين مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گهرجي ته عبرت ۽ نصيحت وٺڻ وارا بڻجي وڃون.
ڏينهن ۽ رات فنا جو پيغام ڏيندا آهن
اي عاشقانِ رسول! ڏينهن ۽ رات جو اچڻ وڃڻ اسان کي پيغامِ فنا (Extinction) ڏئي رهيو آهي، هر روز سج لهڻ لاءِ نڪرندو آهي، هر رات تارا ڍڪجي وڃڻ لاءِ طلوع ٿيندا آهن. افسوس! جلد ئي اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن سج ته نڪرندو پر اسان ان سج کي ڏسڻ لاءِ دنيا ۾ موجود نه هونداسين، رات ته ايندي پر ان رات اسان لاءِ نرم بستر (Soft Bed) نه وڇايو ويندو، افسوس! اسان قبر ۾ مٽيءَ تي ليٽيل هونداسين.
غافِل تجھے گھڑیال یہ دیتا ہے منادی قدرت نے گھڑی عمر کی اک اور گھٹا دی
وضاحت: اي پنهنجي انجام ۽ موت کان غافل انسان! ٿورو غور سان ٻڌ هيءَ گَهڙيءَ مان ايندڙ ٽِڪ ٽِڪ جو آواز اعلان ڪري رهيو آهي: تنهنجي عمر جو سيڪنڊ گهٽ ٿي ويو، هاڻي پورو منٽ گذري ويو، هاڻي پورو ڪلاڪ گهٽ ٿي ويو.
صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: اي ابنِ آدم! زمين کي پنهنجي قدمن سان لتاڙي ڇڏ! جلد ئي تون ان جي اندر لهي ويندين. اي ابنِ آدم! تنهنجي زندگي ڇا آهي؟ اهو ئي ڏينهن جو مجموعو ته آهي. جڏهن