Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

رات جي قضا ڏينهن ۾ ڪري وٺو!

    حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ دفعو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ رات جو تلاوت نه ڪري سگهيا. (يقيناً پاڻ ان تي غمگين ٿيا هوندا، بهرحال پوءِ بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيا ته) رسولِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي ابنِ خطاب! الله پاڪ تنهنجي لاءِ هڪ آيت نازل فرمائي، ارشاد ٿئي ٿو:

وَ هُوَ الَّذِیْ جَعَلَ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ خِلْفَةً لِّمَنْ اَرَادَ اَنْ یَّذَّكَّرَ (سيپارو: 19، الفرقان: 62)

 ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اهو ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي پٺيان اچڻ وارو بڻايو (هيءُ) ان جي لاءِ (نشاني) آهي جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو يا جيڪو (الله جو شڪر) ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

  (اي عمر!) جيڪڏهن رات جو نوافل نه پڙهي سگهو ته ڏينهن ۾ پڙهي وٺو! ۽ جيڪي نيڪيون ڏينهن ۾ نه ڪري سگهو اهي رات جو ڪري وٺو![1]

ڏينهن ۽ رات فضوليات لاءِ نه آهن...!

   پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: * ڏينهن ۽ رات جو اچڻ وڃڻ، هفتن، مهينن ۽ سالن جو بدلجڻ غفلت مان بيدار ٿيڻ لاءِ آهي * اهو ان لاءِ آهي ته اسان پنهنجين پوين ڪوتاهين ۽ محرومين کي سڃاڻون، دل سان انهن تي شرمنده ٿيون، احساس پيدا ڪريون ۽ انهن ڪوتاهين جو اِزالو ڪريون *جيڪي نيڪيون پوئين سال نه ڪري سگهياسين، هن سال اهي نيڪيون ڪريون، جيڪي نيڪيون رات جو رهجي ويون هيون، اهي ڏينهن ۾ پوريون


 

 



[1]... مسند الفردوس، باب الیاء، جلد:5، صفحہ:312، حدیث:8286 بتغیر قلیل۔ دارالکتب العلمیہ