Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائيل ايپلي ڪيشن

    پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ شاگردن لاءِ الڳ، الڳ رسالا موجود آهن . *هن کي 6 مختلف زبانن *انگريزي *اردو *هندي *بنگلا *گجراتي ۽ *سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو *هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوال ڏنا ويا آهن*هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪو به وقت مقرر ڪري پنهنجن اعمال جو جائزو وٺو، ان جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَاءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان جي برڪت سان گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اجرو اجرو، نکريل نکريل، خوبصورت ٿي ويندو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

صحيح ڇا آهي؟

(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: سجدي ۾ پيشاني زمين تي ڄمائڻ فرض ۽ نڪ جي هڏي لڳائڻ واجب آهي.

وضاحت: هي هڪ اهم مسئلو آهي جنهن کان عموماً لاپرواهي پائي ويندي آهي. ڪيترائي ماڻهو سجدي ۾ نڪ جي چوٽي زمين تي لڳائيندا آهن. هي غلط آهي. نڪ تي آڱر رکي ٿورو دٻائيندا ته هيٺ سخت هڏي محسوس ٿيندي، سجدي ۾ هن هڏي جو زمين تي لڳڻ واجب آهي. هي نه لڳائيندا ته نماز مڪروهِ  تحريمي، واجبُ الاعاده ٿيندي. تنهنڪري جڏهن به سجدو ڪيو ته