Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

ڏينهن ۽ رات خزانا آهن

وليءِ ڪامل حضرت مالڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ هي ڏينهن ۽ رات 2 خزانا آهن، بس غور ڪريو ته انهن خزانن کي ڪٿي خرچ (Spend) ڪري رهيا آهيو؟[1]

افسوس! منهنجي زندگي جو هڪ ڏينهن گهٽ ٿي ويو

    حضرت مَفَضَّل بن يونس رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو معمول مبارڪ هو: جڏهن رات ٿيندي  هئي ته فرمائيندا هئا: افسوس! منهنجي زندگي جو هڪ ڏينهن گهٽ (Minus) ٿي ويو. جڏهن صبح ٿيندي هئي ته فرمائيندا هئا: افسوس! منهنجي زندگي جي هڪ رات گهٽ ٿي وئي. جڏهن سندن آخري وقت آيو ته پاڻ روئڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: مان ڄاڻان ٿو ته مون تي آفتن سان ڀريل ڏينهن اچڻ وارو آهي،افسوس! اهو ڏينهن تمام غم وارو آهي، بيشڪ اهو ئي سچو خدا آهي، جنهن پنهنجي مخلوق لاءِ موت جو فيصلو فرمايو، پوءِ پاڻ سيپاري: 29، سوره مُلڪ جي هي آيتِ ڪريمه تلاوت فرمائي:

الَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا (سيپارو: 29، الملڪ: 2)

ترجمو ڪنزُ العرفان: (الله اهو آهي) جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جي آزمائش ڪري ته توهان مان ڪير وڌيڪ سُٺا عمل ڪرڻ وارو آهي.

   هي پڙهڻ کان پوءِ پاڻ هڪ آخري ساهه کنيو ۽ دنيا کان رخصست ٿي ويا.[2]


 

 



[1]...موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336۔

[2]...موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:337 ۔