Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت ڪعب رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي طرف وحي نازل فرمائي: اي موسيٰ! ڇا توهان چاهيو ٿا ته جيترو اوهان جو ڪلام اوهان جي زبان جي ويجهو آهي، اوهان جا دلي خيال جيترو اوهان جي دل جي ويجهو آهن، اوهان جي روح جيترو اوهان جي بدن کان ويجهو آهي ۽ اوهان جي نگاهه جو نور جيترو اوهان جي اک جي ويجهو آهي، مان ان کان به وڌيڪ اوهان جي ويجهو ٿي وڃان؟ فرمايائون: ها! اي مالڪِ ڪريم! (مان چاهيان ٿو). فرمايائين: فَاَکْثِر ُالصَّلَاۃَ عَلٰی مُحَمَّدٍ يعني اي موسيٰ! پوءِ اوهان مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي گهڻو درود شريف پڙهندا ڪريو.![1]
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت تي ٿورو غور ڪريو! هڪ آهي اسان جي زبان، ٻيو آهي ان زبان مان ادا ٿيڻ وارو ڪلام، انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي...؟ ڪجهه به ناهي، ايئن اسان جي دل ۽ ان دل ۾ اڀرندڙ خيالن جي وچ ۾، اسان جي روح ۽ اسان جي بدن جي وچ ۾، اسان جي اک ۽ ان اک ۾ موجود نور جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي...؟ ڪوبه فاصلو ناهي. الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي فرمايو: اي موسيٰ! جيڪڏهن ان کان به وڌيڪ منهنجو قرب حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته منهنجي