Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

وارا ڪم ڪندا آهن ۽ غفلت جو شڪار ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ان مان عبرت وٺندا آهن ته زندگي جو هڪ ٻيو سال گهٽ ٿي ويو، اسان موت جي ويجهو ٿيندا پيا وڃون، ايئن ئي سال گذرندا ويندا ۽ عنقريب ئي ساهه جي ڏور ٽٽندي ۽ اسان کي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندو. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي غفلت وارن جي رستي تي هلڻ کان بچائي ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي.

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏينهن کان پوءِ رات، رات کان پوءِ ڏينهن جو اچڻ، هفتن ۽ مهينن جو گذرڻ، هڪ سال کان پوءِ نئين سال جو اچڻ، ان ۾ حڪمت آهي، عبرت ۽ نصيحت آهي.

سلسلۂ روز و شَبْ، نقش گرِ حادثات

سلسلۂ روز و شَبْ اَصْلِ حیات و مَمَات

تجھ کو پرکھتا ہے یہ، مجھ کو پرکھتا ہے یہ

سلسلۂ روز و شَبْ صَیرَفئ کائنات

اَوَّل و آخر فنا، باطن و ظاہِر فنا

نقشِ   کہن   ہو   کہ   نَو،   منزلِ   آخر   فنا([1])

    وضاحت: ڏينهن رات جو هي سلسلو ڪا عام شيءِ ناهي، ان مان حادثات ۽ واقعن جا نقش ٺهندا آهن، اهو ئي زندگي ۽ موت جي اصل آهي، ان مان ئي منهنجي ۽ توهان جي پرک ٿئي ٿي، ان سلسلي ذريعي دنيا جا رنگ به بدلجي رهيا آهن، اڀري به رهيا آهن، افسوس! اهو ئي ڏينهن رات جو سلسلو پيغام ڏئي ٿو ته  پهريان وارا به فاني هئا، پوءِ وارا به فاني آهن، جيڪو ڪجهه ظاهر آهي اهو به فاني آهي، جيڪو ڳجهو آهي، اهو به فاني آهي، پراڻا نقش، پراڻا کنڊرات به فاني آهن ۽ نوان ايندڙ به فاني آهن، سڀني جي هڪ ئي منزل آهي،


 

 



[1]... کلیاتِ اقبال، بال جبریل، مسجدِ قرطبہ، صفحہ:419-420 ملتقطًا۔