Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

ڪري وٺون، جيڪي ڏينهن ۾ رهجي ويون هيون، اهي رات جو پوريون ڪري وٺون.

ٻه ڏينهن هڪ جهڙا نه رکو..

    پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته پنهنجي زندگي جو هڪ اصول بڻائي وٺو: اهو ته اسان جا 2 ڏينهن ڪڏهن به هڪ جهڙا نه هجن. اسان جي اعمال ۾، اسان جي ڪردار ۾، اسان جي اخلاق ۾، اسان جي علم ۾، اسان جي عمل ۾ هر روز بهتري ئي اچڻ گهرجي، هر روز ڪجهه نه ڪجهه اضافو ئي ٿيڻ گهرجي. منقول آهي: هڪ نيڪ ٻانهي جي قسمت جاڳي، کيس خواب ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّي الله عَلَيهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي، عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّي الله عَلَيهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم! مون کي نصيحت ڪريو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّي الله عَلَيهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن جا 2 ڏينهن هڪ جهڙا هجن (يعني جيئن ڪالھوڪو ڏينهن گذريو اڄوڪو به ائين ئي گذري، ڪالهه 5 نيڪيون ڪيون هيون، اڄ به 5 ئي نيڪيون ڪيون، نيڪين ۾ اضافو نه ٿيو، يا ڪالهوڪو ڏينهن  گناهن ۾ گذريو هو، اڄ به گناهن ۾ ئي گذري، توبھ نه ڪئي، اهڙو شخص) ڌوکي ۾ آهي ۽ جنهن جو اڄ ڪلهه کان وڌيڪ برو هجي، اهو ملعون آهي.[1]

صِدّيقين جو هڪ پيارو وَصف

   علماءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ فرمائن ٿا: صديقين (يعني تمام بلند رتبي وارا اولياءِ ڪرام) ان ڳالهه کان حيا ڪندا آهن ته انهن جو اڄوڪو ڏينهن ڪالهه جهڙو گذري (يعني اهي هر ڏينهن نيڪين ۾ ڪجهه نه ڪجهه اضافو ئي ڪندا آهن).[2]


 

 



[1]... لطائف المعارف، صفحہ:400۔

[2]... لطائف المعارف، صفحہ:400۔