Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
پوري احتياط سان، توجهه سان نڪ جي هڏي زمين تي لڳائڻ جي عادت بڻايو. اڄڪلهه جيئن سرديون آهن، عموماً سردي کان بچڻ لاءِ گرم ٽوپي پاتي ويندي آهي. هي ٽوپي ڪڏهن ڪڏهن پيشاني تي هوندي آهي ۽ ڇوته اُن (پَشم) وغيره جي ٿلهي ٽوپي هوندي آهي، لهٰذا جڏهن پيشاني ۽ زمين جي وچ ۾ هي ٽوپي اچي ويندي آهي ته پيشاني زمين تي پوري طرح ناهي ڄمندي، ان ۾ به احتياط ڪرڻ گهرجي. اول ته جڏهن به نماز پڙهو ۽ اهڙي اُن وغيره جي ٿلهي ٽوپي پاتل هجي ته ان کي پيشاني تان هٽائي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪنهن مجبوري سبب ٽوپي پيشاني تي رکڻ ئي ضروري هجي ته پيشاني زمين تي رکي ايترو دٻايو جو زمين جي سختي محسوس ٿئي ۽ وڌيڪ دٻائڻ سان نه دٻجي. تڏهن نماز درست ٿي ويندي.[1] الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَسْمَاءُ الْحَسْنَى جون برڪاتون (وظيفو)
يَاقَوِيُّ
جيڪو جمعي جي ٻئي گهڙي ۾ يَاقَوِيُّ گهڻو پڙهندو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نسيان (يعني ويسر جو مرض) هليو ويندو.[2] الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم