Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

تجھ کو پرکھتا ہے یہ، مجھ کو پرکھتا ہے یہ

سلسلۂ   روز   و  شب،   صَیرَفئ   کائنات([1])

 وضاحت: سلسلو روز و شب يعني ڏينهن رات جو هي سلسلو اصل ۾ هڪ امتحان آهي، ان جي ذريعي منهنجي ۽ توهان جي پرک ٿي رهي آهي، انهيءَ سلسلي جي ذريعي ڪائنات پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي.

آيتِ ڪريمه مان ملندڙ سبق

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ اسان لاءِ 3 سبق آهن:

(1): ڏينهن رات هڪ ٻئي جا خليفا آهن

پهريون سبق: الله پاڪ فرمايو:

خِلْفَةً (سيپارو: 19، الفرقان: 62)

ترجمو ڪنزُ العرفان: هڪ ٻئي جي پٺيان اچڻ وارو.

   يعني ڏينهن ۽ رات هڪ ٻئي جا نائب آهن[2] مطلب هي ته رات کان پوءِ ڏينهن جو اچڻ، هڪ هفتي کان پوءِ ٻئي هفتي جو، هڪ مهيني کان پوءِ ٻئي مهيني جو، هڪ سال کان پوءِ نئين سال جو اچڻ اسان لاءِ هڪ بيداري جو موقعو آهي، اهو ان ڪري آهي ته اسان پنهنجين پوين ڪوتاهين تي شرمنده ٿيون، پنهنجين ڪمين کي سڃاڻون، پنهنجين خامين جو احساس ڪريون ۽ نئين ڏينهن، نئين هفتي، نئين مهيني ۽ نئين سال ۾ انهن ڪمين، ڪوتاهين ۽ خامين کي دور ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃون.


 

 



[1]... کلیاتِ اقبال، بال جبریل، مسجدِ قرطبہ، صفحہ:419۔

[2]... تفسیر بیضاوی، پارہ:19،سورۂ فرقان، زیر آیت:62، جلد:4، صفحہ:129۔داراحیاء التراث شاملہ۔