Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
تلاش اُس کو نہ کر بُتوں میں،وہ ہے بدلتی ہوئی رُتوں میں
جو دِن کو رات اور رات کو دِن بنا رہا ہے، وہی خُدا ہے
الله پاڪ فرمايو:
وَ ھُوَ: ۽ اهو ئي آهي.
ڪير؟
الَّذِیْ جَعَلَ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اهو ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي بڻايو.
ڇا بڻايو؟
خِلْفَةً (سيپارو: 19، الفرقان: 62)
ترجمو ڪنزُ العرفان: هڪ ٻئي جي پٺيان اچڻ وارو
رات ٿيندي آهي، پوءِ ڏينهن اچي ويندو آهي، پوءِ رات ٿي ويندي آهي، پوءِ ڏينهن نڪري ايندو آهي. هزارين سالن کان هي سلسلو ايئن ئي هلندو پيو اچي.
صبح ہوتی ہے، شام ہوتی ہے عمر یونہی تمام ہوتی ہے([1])
اي عاشقانِ رسول! هي ڏينهن ۽ رات جو هڪ ٻئي جي پويان اچڻ ڇو آهي؟ ڪنهن لاءِ آهي؟ فرمايو:
لِّمَنْ اَرَادَ اَنْ یَّذَّكَّرَ اَوْ اَرَادَ شُكُوْرًا(۶۲) (سيپارو: 19، الفرقان: 62)
ترجموڪنزُ العرفان: (هيءُ) ان جي لاءِ (نشاني) آهي جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو يا جيڪو (الله جو شڪر) ادا ڪرڻ چاهي ٿو.